سيد گل حسن شاهه مجذوب

سيد گل حسن شاهه مجذوب

سيد گل حسن شاهه مجذوب

سيد گل حسن شاهه ’مجذوب‘: نامياري شاعر ۽ صحافي سيد گل حسن شاهه ولد سيد قمر الدين شاهه جو جنم 1910ع ڌاري عمرڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. هن کي اردو، گرمکي، فارسي، عربي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو، قيام پاڪستان کان اڳ جي اخبار ’زندگيءَ‘ جو ايڊيٽر رهيو، ان وقت عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر به هو. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1924ع کان ڪئي. سنڌي شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مصري شاهه (نصرپور)، اردو ۾ بهادر شاهه ظفر، اقبال ۽ غالب کان متاثر هو. سندس شمار ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، فيض بخشاپوري، غلام محمد گرامي ۽ ٻين همعصر شاعرن ۾ ٿئي ٿو.
هن 11 نومبر 1988ع تي وفات ڪئي. کيس ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد آهي. سندس وڏو پٽ سيد رياض الحسن، ايڇ. ايس. ٽي، سيد قمر الحسن ايڊووڪيٽ ۽ سيد ضياء الحسن شاهه زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پروفيسر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو